اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مع??شي اشارن ۾ بهتري تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته حڪومت جي ڀرپور ڪوشش آهي ته معيشت جي بهتري جا ثمر عام ماڻهو تائين پهچن، ماضي جي حڪومتن جي بدانتظامي جو نتيجو اڄ عوام کي ڀوڳڻو ??ئجي رهيو آهي، گهٽ آمدني واري پگهاردار طبقي ۽ ڪمزور طبقي کي هر ممڪن رليف فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ مجموعي مع??شي صورتحال جي جائزي لاءِ منعقد ا??لاس کي خطاب ڪندي ڪيو.