اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايڊووڪيٽ اياز شوڪت جي بطور ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد مقرري ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي ??ريس ونگ موجب صدر جهانگير خان جدون جي ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد جي عهدي تان 14 جولاءِ کان نافذ العمل استعيفيٰ پڻ منظور ڪري ورتي آهي. صدر مقرري ۽ استعيفيٰ جي ??نظوري آئين جي آرٽيڪل 48 هڪ ۽ ايڊووڪيٽ جنرل (سروس ج??ن شر??ون ۽ ضابطا) آرڊر 2015ع جي آرٽيڪل 2، 3 ۽ 6 تحت ڏني.