اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي، دفاعي ۽ قومي مفادن کي نقصان پهچائڻ پي ٽي آءِ جو مشن آهي، آمريڪي ملٽري ايڊ روڪرائڻ پاڪستان دشمن ايجندا ۽ 9 مئي سانحي جي ڪڙيءَ آهي، پاڪستان دشمن ايجنڊا جي سهولتڪارن کي قوم ڪڏهن به معاف نه ڪندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته تاريخ گواهه آهي ته ڪو غدار، سازشي ۽ فارن ايجنٽ پنهنجي ڪوڙ، فريب، دوکي ۽ پروپئگنڊه سان هر وقت هر ڪنهن کي بيوقوف نه ٿو بڻائي سگهي. هن چي?? ته پاڪستان جي معاشي، دفاعي ۽ قومي مفادن کي نقصان پهچائڻ پي ٽي آءِ جو مشن آهي، اربين رپين جي فارن فنڊنگ انهي مشن جي لاءِ ورتي وئي، انهي فارن فنڊنگ سان ملڪ ج?? اندر ۽ ٻاهر ميڊيا مهم هلائي وئي. هن چي?? ته فارن فنڊنگ سان سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ ٺاهيو ويو جنهن جي ذريعي پاڪستان جي آئيني ۽ دفاعي ادارن ۽ انهن جي قيادت جي خلاف مهم هلائي پئي وڃي. هن چي?? ته پاڪ فوج جي قيادت ۽ شهيدن جي خلاف ٻاهرئين ملڪ غليظ پروپئگنڊه ڪئي پئي وڃي، پاڪستان دشمن ايجنڊا جي سهولتڪارن کي قوم ڪڏهن به معاف نه ڪندي. هن چي?? ته عوام سياست ۽ ملڪ دشمني ۾ فرق سڃاڻي چڪي آهي، سائفر ۽ 9 مئي هڪ ئي سازش جا ٻه مرحلا آهن، سائفر جي نالي تي آمريڪا جي خلاف پروپئگنڊه ۽ 9 مئي کانپوءِ آمريڪا کان مدد وٺڻ، عوام ڄاڻي ٿي. هن چي?? ته آءِ ايم ايف جي پروگرام جون سخت شرطون ۽ پوءِ پي ٽي آءِ پاران خلاف ورزي انهي ايجنڊا جو حصو ه?? ته جيئ?? پاڪستان کي اهم قومي مفادن تي جهُڪڻ تي مجبور ڪري سگهجي. هن چي?? ته هڪ ڪٺ پتلي کي منظم سازشي ايجنڊا تي عملدرآمد جي لاءِ اقتدار تي مڙهيو ويو جنهن سي پيڪ روڪي??، ڪشمير جو سودو ڪيو، دهشتگردن کي پناهه ڏني ۽ هاڻي ملٽري ايڊ روڪرائڻ جي مشن تي آهي. هن چي?? ته انهي ايجنڊا تحت پاڪستان جي ويجهي، بااعتماد ۽ سدائين ڪم ڪندڙ دوست ملڪن کي ناراض ڪيو ويو، ٻاهرئين ميڊيا ۾ جاري نام نهاد انساني حقن جي مهم پڻ اصل ۾ انهي ڪڌي ايجنڊا جو تسلسل آهي ته جيئ?? پاڪستان جي عالمي امداد روڪرائي ۽ فوج جي اداري کي دٻاءُ ۾ آڻي سگهجي.