اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي 6 جوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي چي?? آهي ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ڪيتري ئي ڊگهي ڇو نه ??جي اسان جي بهادر هٿياربند فوج قوم جي تعاون سان دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائيندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چي?? ته اسان جي سيڪيورٽي فورسز، پوليس ۽ انٽيليجنس ڪميونٽي جون عظيم قرباني??ن ملڪ کي دهشتگردي ۽ عسڪريت پسندي جي لعنت کان بچائڻ جي لاءِ اسان جي اڻٿڪ قومي عزم جو مظهر آهن. هن سوڳو??ر خاندانن سان دلي تعزيت ۽ مرحومن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي.