اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ ص??ف ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽ کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته روايتي ٻارڻ تي پا??ستان جو دارومدار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ موثر ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽ ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏيڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي مقامي اليڪٽرڪ موٽرسائيڪل ٺاهيندڙ ڪمپني جي وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ??يو ته گرين ٽرانسپورٽ آلودگي گهٽ ڪرڻ ۽ پا??ستان کي صاف بڻائڻ ۾ مدد ڏيندي، گرين ٽرانسپورٽ سان ڪاربن جو اخراج، ماحولياتي آلودگي ۽ ٻارڻ جو درآمدي بل گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن ??يو ته ملڪ جي ترقي جي لاءِ نئين ٽيڪنالاجيز ضروري آهن، ڪاروباري برادري صنعتي اپ گريڊيشن ۽ جدت تي ڌيان ڏي، جديد ٽرانسپورٽ ٽيڪنالاجيز پا??ستان ۾ نئين صنعتن کي فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي آهي. صدر ??يو ته جديد ٽرانسپورٽ سان نوجوانن جي لاءِ روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ، ملڪي سماجي ۽ اقتصادي حالت بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.