اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته احتجاج پاڪستان جي هر شهري جو آئيني حق آهي پر ان کي سدائين قانون جي دائري ۾ رهڻ گهرجي، ڪجهه شرپسندن جهڙي طرح سرڪاري م??ڪيتن خاص طور تي سرڪاري ۽ فوجي عمارتن کي نقصان پهچايو آهي، اهو مذمت جوڳو آهي، ملڪ جي سڀني شهرين کي پرامن ??هڻ جي پرزور اپيل ڪريان ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي م??جوده ملڪي صورتحال تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته آئون اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري سان پيدا ٿيندڙ ملڪ جي م??جوده صورتحال تي شدي?? پريشان آهيان، انساني جانين جو زيان دل ڏکوئيندڙ، ڳڻتي جوڳو، افسوسناڪ ۽ انتهائي مذمت جوڳو آهي. هن چيو ته اسان کي ڏاڍ ۽ گرفتارين بدران ٻيهر سوچڻ گهرجي ۽ سيا??ي حل ڳولڻ گهرجي، مون سياسي ۽ عسڪري قيادت کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي ۽ اميد ڪريان ٿو ته حالتون بهتر ٿينديون، آئون ملڪ جي سڀني شهرين کي پرامن ??هڻ جي پرزور اپيل ڪريان ٿو.