اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوهلو ۾ دهشتگردن جي خلاف آپريشن ۾ پاڪ فوج جي آفيسرن ميجر جواد ۽ ڪيپٽن صغير ??ي شهادت تي گ??ري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد امن جي لاءِ اسان جي ڪوششن کي سبوتاز نه ٿا ڪر?? سگهن. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شه??دن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ سوڳوار خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ڪڌن مقصدن جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهن، دهشتگرد امن جي لاءِ اسان جي ڪوششن کي سبوتاز نه ٿا ڪر?? سگهن. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف ويڙهه ۾ شهيد ٿيندڙن کي وري قوم سلام پيش ڪري ٿي.