اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ناليواري اداڪار، هدايتڪار ۽ ميزبان ضياءَ م??ي الدين جي لا??اڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ض??آءَ م??ي الدين هڪ اهڙو ادبي شخصيت هو جنهن جي پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جي انداز کي عالمي ??هرت نصيب ٿي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته ض??آءَ م??ي الدين پاڪستان کان ٻاهر وڃي به ٿيٽر ۽ فلمن ۾ ڪم ڪري پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. هن پاڪستان ٽيليويزن تان ”پائل“، ”چچا ڇڪن“، ”ضياءَ سان گڏ“ ۽ ”جو جاني وه جيتي“ جهڙا مشهور پروگرام پيش ڪيا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پنهنجي خو??صو??ت آواز ۾ اردو ادب جا فن پارا پيش ڪري ضياءَ م??ي الدين وڏو نالو ڪمايو. مرحوم جي شوبز انڊسٽري جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن ضياءَ م??ي الدين جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.