اسلام آباد – 27 ?? آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ??وا?? ڪشميرين جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي، دنيا کي ڀارت جي غي??قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي اکيون بند نه ڪرڻ گهرجن. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته 27 آڪٽوبر جو ڏينهن ڪاري ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي. 1947ع ۾ ان ڏينهن ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي غي??قانوني، غي??اخلاقي ۽ زبردستي قبضو ڪيو هو، هي ڏينهن ڪشميرين ج?? بي مثال حوصلي ۽ بهادري جو واضح ثبوت آهي، جيڪو انهن گذريل 75 سالن دوران ڀارتي قابض فوج جو ڄمي مقابلو ڪري ڏيکاريو آهي. هن چيو ته اڄ پاڪستاني ??وا?? ڪشميرين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪري ٿي ۽ انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيهن جو عزم ڪري ٿي. دنيا کي ڀارت جي غي??قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي خلاف ورزين تي اکيون بند نه ڪرڻ گهرجن جيڪو هڪ وڏو فوجي علائقو بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته ڪشميري ??وا?? جي آزادي جي خواهش کي وڌيڪ دير تائين دٻائي نه ٿو سگهجي.