اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ گڏيل قومن جي 816 ملين ڊالر جي نئين اپيل عالمي برادري پاران مسلسل حمايت جي گهرجائو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثرين کي خوراڪ ۽ علاج جي ضرورت آهي. بحران واري ڪيفيت وڌڻ جي ڪري اسان کي پنهنجون ڪوششون تيز ڪر??يون پونديون. وزيراعظم چيو ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ??ان متاثر ماڻهن جي ضرورتن کي اجاگر ڪر?? تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي قائدا??ي ڪردار کي ساراهيون ٿا.