نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي انساني حقن بابت قومي ايڪشن پلان ۾ اقليتن جي حقن جي فروغ ۽ تحفظ تي خصوصي زور ڏنو ويو آهي، امتيازي سلوڪ ۽ عدم برداشت جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ بين المذاهب مڪ??لم?? ضروري آهي، ع??لم?? برادري ڀارت ۾ اسلامو ف??بيا جي خراب ٿيندڙ صورتحال جو ف??ري نوٽيس وٺي ۽ موجوده بي جي پي حڪومت کان مسلمان ۽ اسلام مخالف ايجنڊا جي کليل حمايت تي جوابدهي ڪري، گڏيل قومن پاران ميمبر ملڪن جي مشاورت سان اسلامو ف??بيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايڪشن پلان جوڙڻ گهرجي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس دوران قومي يا نسلي، مذهبي ۽ لساني اقليتن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي حقن بابت ڊڪليئريشن کي اختيار ڪرڻ جي 30 هين سالگرهه جي موقعي تي منعقد يادگاري اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته اسان ان اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ڪرڻ جي آجيان ڪريون ٿا. هن چيو ته باني پاڪستان جي ويزن موجب اسان جي حڪومت ملڪ ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ جي پڌ??نامي تي عملدرآمد جي لاءِ قانوني، پاليسي ۽ انتظامي قدم جاري رکيا آهن. هر سال 11 آگسٽ تي اقليتن جي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي. انساني حقن بابت قومي ڪميشن ۾ اقليتن جي حقنجي فروغ ۽ تحفظ تي خصوصي زور ڏنو ويو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته امتيازي سلوڪ ۽ عدم برداشت جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ بين المذاهب مڪ??لم?? ضروري آهي. پاڪستان، ڀارت ۽ سڄي دنيا مان سک برادري جي لاءِ ڪرتارپور لنگهه بين المذاهب هم آهنگي، پرامن گڏيل بقاءَ ۽ رواداري جي نظرين کي فروغ ڏيڻجي لاءِ پاڪستان جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ڪرتارپور لنگهه کي اميد جو لنگهه قرار ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسان هڪ نئين دور مان گذري رهيا آهيون جتي ٻين جي خلاف امتيازي سلوڪ، نفرت ۽ تشدد جهڙو رويو ٻيهر ڪَر کڻي رهيو آهي. جنهن برائي بابت اسان سوچيو هو ته ٻي جنگ عظيم کانپوءِ اسان ان کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، گڏيل قومن جي چارٽر، انساني حقن جي ع??لم?? پڌ??نامي ۽ اقليتن جي پڌ??نامي سميت ٻين انتظامن کي اختيار ڪرڻ جي باوجود هڪ ڀيرو ٻيهر ان سان مختلف ملڪن ۽ معاشرن ۾ سياسي، سماجي ۽ اقيتي نظامک ي خطرو پئجي ويو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ع??لم?? برادري کي اقليتن بابت پڌ??نامي جي بنيادي شقن جي بنياد تي اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ هڪ نئين ع??لم?? معاهدي جي ضرورت آهي. هن چيو ته يهود دشمني ۽ ايشيائي ۽ آفريقي مخالف امتيازي سلوڪ کانسواءِ سڀ کان وڌيڪ پريشان ڪندڙ نئين رجحانن مان هڪ اسلامو ف??بيا آهي. هن چيو ته دنيا ڪوويڊ 19 جي وبائي مرض مان ته صحتياب ٿي رهي آهي پر ان کي اڃا اسلامو ف??بيا جي وبا جو مقابلو ڪرڻو آهي جيڪو پاڻ کي خوفناڪ شڪلين ۾ ظاهر ڪري رهيو آهي ۽ رياستن جي اندر ۽ امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهي رهيو آهي. اسلامو ف??بيا جي سڀ کان وڌيڪ پکڙيل شڪل هندستان ۾ سياسي، اقتصادي، سماجي ۽ ثقافتي شعبن ۾ ظاهر ٿي رهي آهي. هن چيو ته نفرت سان ڀريل هندوتوا نظريي، جنهن جي پرچار ۽ سرپرستي آر ايس ايس بي جي جي حڪومت ڪئي، ان هندستان جي 200 ملين مضبوط مسلم اقليت جيڪا دنيا جي سڀ کان وڏي اقليت آهي ان جي خلاف خوف ۽ تشدد جو راڄ شروع ڪري ڇڏيو آهي. هندوتوا مهم ۾ پرهجوم تشدد، تسلسل سان قتلام، جيئن ته 2020ع ۾ نئين دهلي ۽ 2002ع ۾ گجرات ۾ ٿيو، ڀارت کي مسلمانن کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ امتيازي شهريت جي قانونن، رياستي سرپرستي ۾ مسلم ڪميونٽي جي گهرن ۽ دڪانن جي مسماري، مشعل هجوم جو مسجدن تي حملو سوشل ميڊيا تي اسلام ۽ مسلمانن جي خلاف غلط معلومات جي مهم، حجاب تي پابندي، سياسي ڳالهه ٻولهه ۾ مسلمانن جي خلاف نفرت ۽ تشدد تي اتساهڻ، سڄي هندستان ۾ مسجدن ۽ مسلم ورثي ۽ تاريخ کي مٽائڻ جي مهم ۽ مسلمانن جي خلاف نسل ڪشي جي لاءِ تيزي سان عوامي مطالبا شامل آهن. بدقسمتي سان هندتوا مهم کي ڀارت جي انتهاپسندي بي جي پي آر ايس ايس حڪومت جي حمايت حاصل آهي. هن چيو ته پاڪستان ع??لم?? برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اها ڀارت ۾ اسلامو ف??بيا جي خراب ٿيندڙ صورتحال جو ف??ري نوٽيس وٺي ۽ موجوده بي جي پي حڪومت مسلم ۽ اسلام مخالف ايجنڊا جي کليل حمايت جي لاءِ جوابدهي ڪري. پرڏيهي وزير چيو ته اسلامو ف??بيا هڪ نقصانڪار رجحان آهي جنهن جو اسان سڀني کي ع??لم?? امن ۽ سلامتي بنيادي انساني حقن جي تحفظ جي لاءِ اجت??اع?? طور تي مقابلو ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ اسان هر سال 15 مارچ تي اسلامو ف??بيا ڏينهن طور ملهائڻ جي قرارداد جي منظوري جي آجيان ڪريون ٿا. اسان سيڪريٽري جنرل تي زور ڏيڻ چاهيون ٿا ته هو اسلامو ف??بيا جي خاتمي جي لاءِ فوري طور تي هڪ مڪ??لم?? جو اهتمام ڪري. اسان گڏيل قومن کان به مطالبو ڪريون ٿا ته اها ميمبر ملڪن جي مشاورت سان اسلامو ف??بيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ايڪشن پلان جوڙي.