اسلام آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق پاڪ فضائيه ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڊينگي، مليريا، ڊائريا ۽ مختلف بيمارين کي مُنهن ڏيڻ ل??ءِ فوري امداد شروع ڪري ڇڏي آهي. پاڻيءَ مان پيدا ٿيندڙ بيمارين جي تيزيءَ سان سُڃاڻپ ل??ءِ مختلف ميڊيڪل ليب ڪليڪشن پوائنٽس قائم ڪيا ويا آهن ۽ـ قيمتي جانين کي بچائڻ ل??ءِ فوري طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. پاڪ فضائيه جا هيليڪاپٽر ۽ ٽرانسپورٽ ٻوڏ متاثرن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ سان گڏوگڏ خوراڪ ۽ طبي سامان جي چُرپر ۾ به حص?? وٺي رهيا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه ضرورتمند خاندانن ۾18510 پڪل کاڌي جا پئڪيٽ، 300 پاڻيءَ جون بوتلون ۽ 1920 بن??اد?? غذائي جنسن تي ٻَڌل راشن پئڪيٽ ورهايا. وڌيڪ مفت خوراڪ ۽ رهائش جي فراهمي کانسو??ءِ پاڪ فضائيه جي فيلڊ ميڊيڪل ڪيمپس ۾ پاڪ فضائيه جي ميڊيڪل ٽيمون 1440 مريضن جو مفت علاج ??يو.