??مر??ند – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزئيوف سان ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اها ملاقات شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ??مر??ند ۾ ٿي. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي و??ير مفتاح اسماعيل، پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري ?? دفاع وارو وفاقي و??ير خواجه محمد آصف پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.