پتن – 31 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته ٻوڏ ۽ برسات کان م??اث?? آخري گهر ۽ شخص جي آبادڪاري تائين سک سان نه ويهنداسين، سڄي دنيا مان م??اث??ي?? جي امداد تي انهن جا ٿورائتا آهيون، الله سان واعدو آهي ته اسان سڀ گڏجي يقيني بڻائينداسين ته ڪو حقدار امداد کان محروم نه رهجي وڃي، امداد جي شفاف ورڇ ۽ پهچ يقيني بڻائينداسين، وفاقي ??ڪو??ت فوت ٿيندڙ?? جي پونيئرن کي 10 لک رپيا ڏيندي، مصيبت جي گهڙيءَ ۾ سمورن م??اث??ين سان گڏ بيٺل آهيون. وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ ۽ برسات کان م??اث?? لوئر ڪوهستان جو دورو ڪيو جتي هن ٻوڏ کان م??اث?? ماڻهن سان ملاقات پڻ ڪئي. ڪشمنر هزاره ڊويزن ۽ ڊپٽي ڪمشنر وزيراعظم کي امدادي ڪاررواي?? جي حوالي سان بريفنگ ڏني. هنن ٻڌايو ته هن علائقي ۾ 18 فوتگيون ٿيون آهن، م??اث??ي?? جي لاءِ رهائشي ۽ ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن. وزيراعظم ان موقعي تي م??اث??ين کي خطاب ڪندي ??يو ته اسان هتي ٻوڏ ۾ فوت ٿيندڙ?? جي خانداننس ان همدردي جي اظهار لاءِ حاضر ٿيا آهيون، ڪالام، سوات، بحرين، ڪوهستان ۾ درياءَ ۾ ٻوڏ سان تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، هتي ڦاٿل سياحن کي هٿيا??بن?? فوج جا هيليڪاپٽرز محفوظ جاين تي پهچائي رهيا آهن، وفاقي ??ڪو??ت مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ م??اث??ين سان گڏ بيٺل آهي جيستائين انهن کي پنهنجي گهرن ۾ بحال نه ڪنداسين سک سان نه ويهنداسين، صوبائي ??ڪو??تون، اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ انتظاميا م??اث??ي?? جي خدمت لاءِ موجود آهن، ٻوڏ ۽ برساتن سبب جنهن گهر کي به نقصان پهتو، ان کي 25 هزار رپيا في ڪس ڏئي رهيا آهيون جڏهن ته فوت ٿيندڙ?? جي پونئيرن کي 10 لک رپيا وفاق پاران ڏنا پيا وڃن. وزيراعظم ??يو ته سنڌ ۾ ٻوڏ سان سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي ان کانسواءِ بلوچستان، ڏکڻ پنجاب، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير سميت جتي به ٻوڏ سان نقصان ٿيو آهي، جيترا وسيلا به ٿيا آهن اهي انهن تي لڳائينداسين، دوست ملڪن پاران امداد ملي رهي آهي، انهن جا ٿورائتا آهيون، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، قطر، ايران، چين، ترڪيءَ سميت ٻيا ڀائر ملڪ اسا?? جي مدد ڪري رهيا آهن. آمريڪا، برطانيا به امداد جو اعلان ڪيو آهي، گڏيل قومن 160 ملين ڊالر جي فليش اپيل ڪئي آهي. هن ??يو ته جتان به اسان کي امداد ملندي، الله تعاليٰ سان واعدو آهي ته سڀ گڏجي ان کي حقدار تائين پهچائينداسين ۽ ڪوشش ڪنداسين ته ڪنهن اهڙي شخص کي جيڪو حقدار نه آهي امداد نه ملي. هن ??يو ته خيبرپختونخواهه جي لاءِ 10 ارب رپين جو اعلان ڪيو آهي جيڪو اين ڊي ايم اي صوبائي انتظاميا سان گڏجي شفاف طريقي سان ورهائيندي. وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته آخري گهر ۽ شخص جي آبادڪاري تائين سک سان نه ويهنداسين. ان موقعي تي وزيراعظم جو صلاحڪار انجنيئر امير مقام، قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني، پيپلزپارٽي اڳواڻ نجم الدين خان پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.