اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عمران ??ان ??ي خلاف عدم اعتماد واري رٿ عالمي سازش جو حصو آهي، مقامي سياسي رانديگرز جنهن جو اڳواڻ مي فيئرز اپارٽمينٽس ۾ ويٺل آهي، جنهن عالمي سازش جو حصو بڻ??ندي پاڪستان ??لاف سازش ڪئي، مولانا فضل الرحمان، آصف علي زرداري ۽ شهباز شريف جهڙا ڄامڙا پاڪستان کي مستقل غلامي ۾ وجهڻ جو پلان ??يار ڪري رهيا آهن، هي اهي ڪٺ پتليون آهن جنهن جون واڳون لنڊن ۾ ويٺل شخص جي هٿن ۾ آهي. اها ڳالهه هن سپريم ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيون، ان موقعي تي توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر به موجود هو. چوڌري فواد حسين چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي جاري آهي، اٽارني جنرل پنهنجا دليل ڏئي رهيو آهي، ڪالهوڪي ڪامياب جلسي تي عوام جا ٿورائتا آهيون، گلگت بلتستان کان وٺي ڪراچي تائين، ڪوئيٽا ۽ چاغي جي جبلن کان وٺي لاهور تائين ۽ لاهور کان ??سلام آباد تائين عوام عمران ??ان ??ي قيادت تي لبيڪ چيو، وڏي تعداد ۾ ماڻهو هتي پهتا ۽ عظيم اجتماع ڪيو جيڪو پاڪستان ??ي تاريخ جو سڀ کان وڏو اجتماع هو. هن چيو ته عوام جي قدمن جي آواز سان ??سلام آباد جا در ۽ دريون لڏي ويون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مون پهريون چيو هو ته عدم اعتماد واري رٿ آڻڻ وارن کي 10 لک ماڻهن کان گذري وڃڻو پوندو، ڪالهوڪي جلسي کانپوءِ ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته انهن ماڻهن کي عمران ??ان ??ائين 20 ڪروڙ ماڻهن مان گذري ڪري وڃڻو پوندو، چوڌري فواد حسين چيو ته عمران ??ان ??ي خلاف عدم اعتماد واري رٿ عالمي سازش جو حصو آهي، مقامي سياسي رانديگرز جنهن جو اڳواڻ مي فيئرز اپارٽمينٽس ۾ ويٺل آهي، جنهن ان ??المي سازش جو حصو بڻ??ندي پاڪستان ??ي خلاف سازش ڪئي آهي. مولانا فضل الرحمان، آصف علي زرداري، شهباز شريف جهڙا ڄامڙا پاڪستان کي مستقل غلامي ۾ ڏيڻ جو پلان ??يار ڪري رهيا آهن، هي اهي ڪٺ پتليون آهن جنهن جون واڳون لنڊن ۾ ويٺل ماڻهو جي هٿ ۾ آهن. هن چيو ته اهو شخص عالمي اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي پاڪستان ??ي خلاف سازش ۾ ملوث آهي، وزيراعظم ڪالهه جلسي ۾ ان ??المي سازش جو ابتدائي ديباچو عوام جي سامهون رکيو آهي، وقت گذارڻ سان گڏوگڏ ان ??المي سازش جا باقي پنا به عوام جي سامهون رکيا ويندا، چوڌري فواد حسين چيو ته اها سازش عمران ??ان ??ي خلاف نه آهي پر پاڪستان ??ي عوام جي خلاف آهي، پاڪستان ??ي عوام کي محڪوم بڻ??ئڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته 1930ع کان 1940ع ۾ قائداعظم عالمي طاقتن جي خلاف ٻطرفي جنگ وڙهي، ان ??ا حواري هتي هندستان ۾ ويٺل هئا، اڄ عمران ??ان ??ه قائداعظم جي نقش قدم تي هلندي ٻطرفي جنگ وڙهي رهيو آهي، وفاقي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ صدارتي ريفرنس داخل آهي، ان ۾ ڪجهه وقت لڳندو، اٽارني جنرل عدالت ۾ اهو معاملو رکيو آهي ته پاڪستان پارلياماني نظام حڪومت جو رکندڙ ملڪ آهي، سياسي پارٽيون ان نظام جو لازمي جز آهن، ان نظام ۾ پارٽي ڊسيپلين جي اهميت آهي، ميمبرن کي پارٽي جي فيصلن کان ??اغي ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي ته ان ??رح منڊيون لڳنديون رهنديون. هن چيو ته آرٽيڪل 63 اي جي تشريح ان لاءِ ضروري آهي ته پاڪستان ۾ مستحڪم پارلياماني نظام لاءِ زندگي ڀر نااهلي ڪرڻي پوندي. ان ۾ سزائون رکڻيون پونديون ته جيئن ماڻهن جي خريد ۽ وڪري جو خاتمو ٿي سگهي. هن چيو ته عمران ??ان ۽ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي چونڊيل ميمبرن کي خريد ڪيو ويو، کين سنڌ هائوس ۾ رکيو ويو، هن چيو ته انهن ماڻهن کي سلام پيش ڪريان ٿو جنهن ايتري وڏي لالچ کي ٺڪرايو ۽ عمران ??ان ??ان گڏ بيٺل رهيا، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پوري اميد آهي ته سپريم ڪورٽ ان ??يفرنس ۾ فلور ڪراسنگ ۾ ملوث ميمبرن جي لاءِ تاحيات نااهلي آڻيندي ۽ اهي ماڻهو ووٽ تي ڪاسٽ ڪري سگهندا پر ان کي ڳڻي نه سگهبو. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ق ليگ هجي يا ايم ڪيو ايم آزاد ۽ خودمختيار پارٽيون آهن، ان ۾ ڪو به هرج نه آهي ته ق ليگ ۽ باقي پارٽيون پنهنجا مطالبا رکن، اهو فيصلو اسان کي ڪرڻو آهي ته ان ??ا اسان ??ي پارٽي ۽ اسان ??ي سياست تي ڪهڙا اثر پوندا. هن چيو ته شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر جي چوڌري ڀائرن سان ملاقات ٿي آهي، وزيراعظم سان گڏجاڻي کانپوءِ اسان پنهنجو فيصلو ڪنداسين، هو پنهنجا مطالبا رکندا اسان پنهنجو حل کين ڏينداسين. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته جيڪي صحافي چئي رهيا آهن ته اهو خط انهن وٽ به آهي، انهن صحافين کي چوندس ته ويل انفارمڊ هجڻ جي چڪر ۾ روزانا ڪوڙ ڳالهائڻ جي عادت تبديل ڪن. انهن صحافين کي نوجوان ??پورٽرز کان ??ربيت وٺڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهو سکي سگهن ته خبر جي تصديق ڪهڙي طرح ڪئي ويندي آهي، هن چيو ته پاڪ فوج پاڪستان ??ي اتحاد ۽ خودمختياري جي ضامن آهي، فوج هر اهو فيصلو ڪندي جيڪو ملڪ جي مفاد ۾ هوندو. هڪ ٻي سوال تي هن چيو ته ادارن جي خلاف سازشون ڪرڻ ن ليگ جي عادت آهي، هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته اسان ??ياسي ماڻهو آهيون، سياست ۾ رابطا ختم ناهن ڪيا ويندا، اسان پنهنجي حد مقرر ڪري رکي آهي ان کان ??ڳتي نٿا وڃي سگهون، سياسي رابطا ختم ناهن ٿيندا.