اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان جي صدارت ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ سنڌ مان پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميم??رن جو اجلاس ٿيو. وز??راعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ معاشري جي غريب طبقن جي سهولت لاءِ قومي صحت ڪارڊ، ڪامياب جوان پروگرام ۽ احساس راشن رعايت پروگرام جهڙن تاريخي حڪومتي قدمن تي وز??راعظم کي ساراهيو ويو. ان موقعي تي سنڌ جي اسيمبلي ميم??رن وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ به وفاقي فنڊز مان صحت ڪارڊ جاري ڪيو وڃي ڇو ته سنڌ جي صوبائي حڪومت ان مقصد جي لاءِ وسيلا رکڻ جي لاءِ تيار نه آهي. وز??راعظم انهن کي يقين ڏياريو ته هو سنڌ جي عوام جي مفاد لاءِ ان سلسلي ۾ سمورن ممڪن آپشنز تي غور ڪري حل ڪڍند??. ا??لاس ۾ وفاقي وز??رن اسد عمر، محمد اڪرم چيما، علي حيدر زيدي، محمد ميان سومرو ۽ وز??راعظم جي خاص معاون ملڪ عامر ڊوگر شرڪت ڪئي. قومي اسيمبلي ميم??رن محمد اڪرم چيما، آفتاب حسين صديقي، محمد عالمگير خان، سيف الرحمان، آفتاب جهانگير، محمد اسلم، غزالا سيفي، نصرت وحيد، نزهت پٺاڻ، جئه پرڪاش، رميش ڪمار ۽ لال چند مالهي پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.