اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخواهه حڪومت کي انٽرنيشنل ٽيڪنيڪل اسٽينڊرڊ ڪميٽي پاران پشاور بي آر ٽي کي گولڊ اسٽينڊرڊ بي آر ٽي سروس جو درجو ڏيڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته بي آر ٽي کي انٽرنيشنل ٽيڪنيڪل اسٽينڊرڊ ڪميٽي پاران پشاور بي آر ٽي کي گولڊ اسٽينڊرڊ بي آر ٽي سروس جو درجو ڏيندي 100 ما?? 97 نمبرز ڏنا ويا آهن جنهن جو مطلب آهي ته اها سروس اٽڪل هر لحاظ کان ع??لمي معيارن سان هم آ??نگ آهي. هن چيو ته پشاور بي آر ٽي شهر ۾ عوامي چرپر جي نظام ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو آهي، آگسٽ 2020ع ۾ ان جي شروعات کان هيستائين 71 ملين کان وڌيڪ ماڻهو ان ما?? فائدو کڻي چڪا آهن. روزاني جي بنياد تي اڍائي لک کان وڌيڪ شهري ان تي سفر ڪن ٿا جن م??ن 20 سيڪڙو عورتن کانسواءِ 60 سيڪڙو جو تعلق گهٽ آمدني واري طبقي سان آهي.