اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ساح??ي سياحت جي فروغ لاءِ قدمن کي تيز ڪرڻ ۽ ان سان گڏوگڏ ماحولياتي ??حفظ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان بحري معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر ??يد?? ۽ آمريڪن بزنس ڪائونسل پاڪستان جي ايگزيڪيٽو ميمبر عدنان اسد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عدنان اسد وزيراعظم کي بزنس ڪائونسل جي ميمبرن ۽ سيڙپڪارن جي موجوده حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي نتيجي ۾ وڌندڙ اعتماد جي باري ۾ آگاهه ڪيو، پاڪستان جي سياحت جي شعبي ۾ آمريڪي ڪمپنين جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير سيد علي حيدر ??يد?? وزيراعظم کي ساح??ي سياحت جي موجوده صلاحيت ۽ وزارت ج?? ان جي فروغ لاءِ کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو. وزيراعظم ساح??ي سياحت کي فروغ لاءِ کنيل قدم تيز ڪرڻ ۽ ان سان گڏوگڏ ماحولياتي ??حفظ کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون.