پشاور – 02 جنوري (اي پي پي) ضلعي ڪرڪ جي علائقي ٽيري ۾ هندوئن جي مقدس جڳهه شري پرم هنس مهاراج جي سماڌي تي ??نهنجي مذهبي رسمن جي ادائيگي جي لاءِ سوين هندو ياترين جي آ??د ٿي. مذهبي رسمن جي ادائيگي جي لاءِ اين??ڙ 215 ياترين مان 173 غيرملڪي ماڻهو جن ۾ پاڙيسري ملڪ ڀارت جا 159 شهري، باقي غيرملڪي ۽ پاڪستان جي ٻين علائقن سان تعلق رکندڙ هندو شامل هئا. هندو برادري جو قافلو پنهنجي مذهبي رسمن جي ادائيگي لاءِ واهگه بارڊر تان پاڪستان ۽ اتان هوائي سفر ذريعي پشاور پهتو هو. جيڪو بعد ۾ اتان روانو ٿي سخت سيڪ??ور??ي ۾ ضلعي ڪرڪ جي ٽيري سماڌي پهتو جتي ??ندو برادري جي مذهبي رسمن جي موقعي تي ڪرڪ پوليس پاران سيڪ??ور??ي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا. ڊي پي او ڪرڪ شفيع الله خان گنڊاپور سيڪ??ور??ي صورتحال جو پاڻ جائزو وٺي رهيو هو جڏهن ته ٽيري سماڌي تي ايس پي انويسٽيگيشن ظاهر شاهه خان سموري صورتحال جي نگراني ڪري رهيو هو. ڀارت مان آيل هندوئن سميت غيرملڪي ياترين سيڪ??ور??ي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيندي سيڪ??ور??ي انتظامن کي خوش آئنده قرار ڏنو. ان موقعي تي ??ندو ياترين پوليس جي سيڪ??ور??ي انتظامن کي ڏسندي انتهائي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي ايترو پروٽوڪول ڏنو ويو آهي جنهن تي ??اڪستان حڪومت ۽ ڪرڪ پوليس جا سچي دل سان ٿورائتا آهيون جڏهن ته ان موقعي تي ??ندو ڪائونسل پاڪستان جي ايم اين اي رميش ڪمار پوليس جي سيڪ??ور??ي انتظامن کي ساراهيندي چيو ته ڪرڪ پوليس پنهنجي پوري ذميواري ۽ ايمانداري سان ڊيوٽي ادا ڪئي آهي. جنهن سان اسان سڀني کي انتهائي خوشي محسوس ٿي آهي، جن اسان جي مذهبي رسمن جي ادائيگي دوران پرامن ماحول فراهم ڪيو. هن چيو ته ٽيري سماڌي تي ??اترين جي اچڻ سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي ۽ اعتماد جو هڪ نئون باب کلڻ وارو آهي. جيڪو ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي لاءِ خوش آئنده آهي.