اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت جي معاشي حڪمت عملي جو بنيادي محور ملڪ جو روانگي واپار وڌائڻ، واپاري خسارو گهٽ ڪرڻ ۽ معاشري جي پيڙهيل طبقن جي مدد ڪرڻ آهي، حڪومتي سڌارن جي نتيجي ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني جي انڊيڪس ۾ پاڪستان جي درجابندي 108 کان 136 تائين پهچي وئي آهي، ڪاروباري شعبي کي ??المي سوچ اختيار ڪرڻ ۽ منڊين ۾ تبديل ٿيندڙ رجحانن کان باخبر رهڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار انٽر پرينيورز آرگنائيزيشن (اي او) جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته ڪاروباري بر??در?? خصوصي ماڻهن ۽ عورتن کي مالي طور تي خودمختيار بڻائڻ جي لاءِ نوڪريون ڏين ۽ ڪاروباري صلاحيتون وڌائين، خصوصي ماڻهن کي ??مارتن ۽ ڪم جي جاين تائين آسان پهچ فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته حڪومت واپاري بر??در?? کي ??رابر موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم ک??ي رهي آهي، پاڪستان جي سيڙپڪاري پاليسي سازگار ڪاروباري ماحول پيدا ڪرڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي ??اغب ڪرڻ جي لاءِ هڪ ٺوس فريم ورڪ فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺاهي وئي آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪاروباري بر??در?? ويليو ايڊيشن جي ذريعي ملڪي روانگي واپار وڌائڻ ۽ عالمي منڊين تائين پهچ وڌائڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري. انٽر پرينيورز آرگنائيزيشن جي وفد حڪومت جي معاشي پاليسين تي اطمينان جو اظهار ڪندي ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري دوست پاليسين کي ??اراهيو. وفد جي ميمبرن چيو ته انٽر پرينيورز آرگنائيزيشن ملڪ جي معاشي ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر وفد کي ??نهن جا مسئلا ۽ شڪايتون لاڳاپيل ڌرين تائين پهچائڻ جي خاطري ڪرائي.