واشنگٽن – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ ماحولياتي تبديلي، غربت ۽ غذ??ئي عدم تحفظ وڏا چئلينجز آهن، اسرندڙ ملڪ?? جي لاءِ غذ??ئي کوٽ تمام وڏو مسئلو آهي، غربت جي خاتمي لاءِ چين رول ماڊل آهي، ڪوويڊ 19 جي عالمي وبا اقتصادي بحران کي جنم ڏنو آهي، احساس پروگرام ڪورونا جي معاشي مسئلن تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ڏني، پاڪستان ماحولياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ زبردست قدم کنيا اهن، 10 بلين ٽري منصوبي تحت هيستائين هڪ ارب وڻ هڻي چڪا آهيون، ??نس??ئو ٽ??ڪن??لاجي غربت جي خاتمي ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ موزون آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين ۾ منعقد ??نس??ئو معاونت ۽ پائيدار ترقي تعاون فورم جي 20 هين سالگرهه جي موقعي تي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ۾ ڪيو. وزيراعظم چين کي ان فورم جي ميزباني ۽ پروفيسر لين کي ”??نس??ئو“ ٽ??ڪن??لاجي ايجاد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ان فائديمند ٽ??ڪن??لاجي سان دنيا جي 100 کان وڌيڪ ملڪ گذريل 20 سالن کان فائدو کڻي رهيا آهن ۽ هيستائين هزارين ماڻهن ان مان فائدو کنيو آهي. وزيراعظم چيو ته دنيا کي بالعموم ۽ زمي?? جي ڏاکڻي حصي ۾ رهندڙ ماڻهن کي خاص طور تي ماحولياتي تبديلين، غربت ۽ سڀ کان وڌيڪ غذ??ئي عدم تحفظ سميت ڪيتر??ئي چئلينجز درپيش آهن، غربت جي سمورين صورت?? جي خاتمي جي اڻٿڪ ڪوشش?? جي ڪري گذريل ٻن ڏهاڪن دوران غربت ۾ تسلسل سان گهٽت??ئي ايندي رهي آهي جڏهن ته ڪوويڊ 19 جي عالمي وبا اقتصادي بحران کي جنم ڏنو جنهن سان ان طرف ٿيندڙ بهتري سستي جو شڪار ٿي آهي، گذريل 20 سالن ۾ پهريون ڀيرو 2020ع دوران سخت غربت ۾ اضافو ڏٺو ويو آهي، اسرندڙ ملڪ?? جي لاءِ سمورن ماڻهن کي خوراڪ ۽ بهترين غذائيت جي فراهمي وڌيڪ وڏو چئلينج بڻجي اڀريو آهي، عالمي وبا جي هن دور ۾ اقتصادي بحالي، واڌاري ۽ ترقي حاصل ڪرڻ بابت پائيدار ذريعا اختيار ڪرڻ انته??ئي اهميت رکندڙ آهن. ”??نس??ئو“ ٽ??ڪن??لاجي اهڙو ئي هڪ ذريعو ثابت ٿي سگهي ٿي، اها ننڍن آبادگارن کي گهٽ لاڳت ۾ وڏي پئماني تي کنڀي?? جي پوکيءَ ۾ معاونت فراهم ڪري ٿي، وڌيڪ اهو ته اها ٽ??ڪن??لاجي زمينن کي بنجر ٿيڻ کان بچائڻ ۾ مددگار ٿي سگهي ٿي، ٻيو اهو ته وڌيڪ مقدار ۾ پروٽين هجڻ جي ڪري چوپ??ئي مال جي چاري طور پڻ استعمال ٿي سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته غربت جي خاتمي جي حوالي سان چين اسرندڙ ملڪ?? جي لاءِ رول ماڊل آهي، گذريل چئن ڏهاڪن ۾ چين پنهنجي شاندار واڌويجهه جي شرح سان 80 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو آهي. وزيراعظم ماحولياتي تبديلي?? جي حوالي سان چي?? جي قائداڻي ڪردار کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته صدر شي جن پنگ جي خوشحالي، صاف سٿري ۽ خوبصورت دنيا جي تصور کي ساراهيان ٿو، جڏهن ته دنيا کي سال 2060ع تائين ڪارب?? جي اثرن کان پاڪ ڪرڻ جو تصور پڻ ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم چيو ته غربت جو خاتمو ۽ ماحولياتي تبديلين جو مقابلو منهنجي حڪومت جي اهم ترجيحن مان آهي، اسان وڏي پئماني تي سماجي تحفظ جي فراهمي جو پروگرام ”احساس“ شروع ڪيو، ان پروگرام جو مقصد پٺتي پيل ماڻه?? جي زندگين ۾ بهتري آڻڻ، غربت جو خاتمو ۽ ڪمزور خاندانن کي مدد فراهم ڪرڻ آهي. وزيراعظم چيو ته اسا?? جي ”احساس“ ڪيش پروگرام عالمي وبا ڪوويڊ 19 جي اسا?? جي آبادي تي پوندڙ معاشي اثرن کان تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ماحولياتي تبديلين سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ هجڻ جي ڪري پاڪستان ان عذاب جي خاتمي جي عالمي ڪوشش?? جي ڀرپور حمايت ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلين ۽ ماحوليات جي حوالي سان اسا?? جي ايجنڊا زبردست ۽ واضح آهي ۽ اسان صاف ۽ سرسبز پاڪستان طرف وڌي رهيا آهيون، اسان 10 ارب وڻ لڳائڻ جي منصوبي تحت هيستائين هڪ ارب وڻ لڳ??ئي چڪا آهيون، ٻيل?? جي بحالي ۽ توسيع اسا?? جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، گرين ايرياز ۾ اضافي جا اسان جا قدم گڏيل قوم?? جي ماحولياتي بحالي نظام ڏهاڪي 2021ع کان 2030ع سان هم آهنگ آهن، اسان کي اميد آهي ته اسان جا اهي قدم ماحولياتي نظام ۾ خرابي کان بچڻ، ان کي روڪڻ ۽ ان ۾ بهتري آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. وزيراعظم چيو ته مون کي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته ??نس??ئو ٽ??ڪن??لاجي غربت جي خاتمي ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ اسا?? جي معاشري ۽ معيشت جي لاءِ موزون آهي، اهڙي جديد، سستي ۽ ماحول دوست ٽ??ڪن??لاجي پائيدار ترقي جي شروعاتي ٻن مقصدن يعني غربت ۽ بک جي خاتمي کي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندي، اسا?? جي غربت جي خاتمي جو قومي پروگرام جيڪو ماڻهن کي معاش جي فراهمي، اثاثن ۾ اضافي ۽ تربيت جي فراهمي کي يقيني بڻ??ئي ٿو، ??نس??ئو ٽ??ڪن??لاجي جي حصيداري سان اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته غربت جي خاتمي ۽ پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ جي ۽ ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ بابت عالمي ڪوششن ۾ اسا?? جي وابستگي ۽ ارادو مضبوط آهي.