اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪ ??در رجب طيب اردگان جي دعوت تي 14 کان 16 آگسٽ تائين ترڪي جو دورو ڪندو. ان دوري دوران صدر ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ايوان صدر جي ميِڊيا ونگ موجب ٻنهي صدرن استبول ۾ پاڪستان نيوي جي 4 ملجم بحري جهازن جي رونمائي تقريب ۾ به شرڪت ڪندا. صدر عارف علوي ميڊيا ۽ ترڪي جي مشهور ڪاروباري شخصيتن س??ن ملاقاتون ڪندو. پاڪستان ۽ ترڪي جا ڀائراڻا لاڳاپا گڏيل عقيد??، ثقافت ۽ تاريخ تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن جي لاڳاپا هڪٻئي لاءِ احترام ۽ گڏيل اعتماد ??ي هموار آهن، معاشي رخن تي وڌندڙ ڌيان س??ن گڏوگڏ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري مضبوط کان مضبوط ٿيندي پئي وڃي، پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا، مختلف معاملن تي رابطا، هڪجهڙي موقف ۽ مضبوط ٻطرفي لاڳاپن جو عڪاس آهن.