اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي ??ي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين ڪشميرين جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير چيو ته هندو توا جي پ??روڪار مودي حڪومت جو 5 آگسٽ 2019ع تي ڪشميرين جي حيثيت بدلائ?? جو غير قانوني قدم ڏهاڪن کان جاري ڀار??ي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ رتوڇا?? جو تسلسل هو.