اسلام آباد – 23 8211; مارچ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم چيو آهي ته قرارداد پاڪستان ڏکڻ ??يش??ا جي مسلمانن جي تاريخ ۾ هڪ اهم موڙ ثابت ٿي آهي، اڄ اسان کي ڪيترائي چئلينج درپيش آهن، اسان انهن حالتن ۾ به قانون جي حاڪميت کي قائم ڪرڻ لاءِ پوري عزم سان ڪم ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو، هن چيو ته اڄ جو ڏينهن اهو ڏينهن آهي جڏهن ڏکڻ ??يش??ا جي مسلمانن وچن ڪيو ته غلامي جون زنجيرون ٽوڙي اڇلائينداسين، اسان جي بزرگن ان ڏينهن ق??ئداعظم جي قيادت ۾ اهو فيصلو ڪيو ته انهن کي ڌار ملڪ جي ضرورت آهي، هڪ اهڙو ملڪ جتي الله جي حاڪميت ۽ حضرت محمد ﷺ جي ٻڌايل اصولن موجب هلي سگهجي.