اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ريڊيو اسڪول ۽ اي تعليم پورٽل جو افتتاح ڪري ڇڏيو جڏهن ته وزيراعظم چيو آهي ته هڪ نصاب هڪ قوم بڻائيندو، ديني مدرسن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ هڪ اهم خدمت آهي. وزيراعظم ريڊيو اسڪول ۽ اي تعليم پورٽل جو افتتاذح ڪيو، ريڊيو اسڪول جو منصوبو اطلاعات واري و??ارت ۽ تعليم واري و??ارت جي حصيداري سان شروع ڪيو ويو آهي. ان س??ن ملڪ کي ڏورانهن علائقن ۾ به ڪورونا وبا جي ڪري معطل ٿيندڙ تعليمي سلسلي کي بحال رکي سگهبو. تقريب ۾ تعليم واري وفاقي و??ير شفقت محمود، اطلاعات واري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز، تعليم واري پارلياماني سيڪريٽري و??يهه اڪرم ۽ ٻين اعليٰ عهديدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي و??يراعظم عمران خان چيو ته پوري دنيا هن وقت ڪورونا جي ڪري مشڪلاتن جو شڪار آهي، ان جي ڪري تعليمي عمل به متاثر ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته تعليم ۽ اطلاعات واري و??ارت کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ته انهن تعليم جي سلسلي کي جاري رکڻ جي لاءِ بهتر قدم کنيا آهن جن س??ن تعليمي عمل تي و??ا جي ڪري پوندڙ منفي اثرن ۾ گهٽتائي ٿين??ي. ??زيراعظم چيو ته ان عمل ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال خوش آئنده آهي. ان س??ن ڏورانهن علائقن ۾ معياري تعليم پهچائڻ ۾ مدد ملن??ي. ??زيراعظم هدايت ڪئي ته هاڻي اسان کي خاص طور تي ڏورانهن علائقن ۾ استادن جي تربيت تي ڌيان ڏيڻو پوندو جنهن س??ن انهن علائقن جي تعليمي معيار ۾ بهتري اين??ي. ??زيراعظم چيو ته هڪ جهڙو نصاب تعليم واري و??ارت جي هڪ تمام وڏي ڪاميابي ۽ انقلابي قدم آهي. ان س??ن هيٺئين طبقن کي به تعليم ۽ اڳتي وڌڻ جا هڪ جهڙا موقعا ملندا. وزيراعظم نيشنل ايجوڪيشن پاليسي کي به جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته فني تعليم پڻ تمام ضروري آهي. وزيراعظم چيو ته مون گورنمينٽ ڪاليج جي پهرين پرنسپل جي ڪتاب جو مطالعو ڪيو جنهن ۾ هن لکيو آهي ته 1897ع کانپوءِ ڪيئن انگريزن مسلمانن جي تعليمي نظام کي تباهه ڪيو، ان وقت ديني مدرسن ۾ هندو ۽ سک به تعليم حاصل ڪندا هئا جڏهن ته اتي جديد تعليم پڙهائي ويندي هُئي پر بعد ۾ ديني مدرسن کي آئسوليٽ ڪيو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته وفاقي گادي و??ري شهر اسلام آباد کي تعليم جي حوالي سان ماڊل بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته موجوده تعليمي نظام هيٺئين طبقي کي مٿي اچڻ کان روڪي ٿو جڏهن ته انهن جي صلاحيتن کي محدود ڪري ٿو. ٽيلي اسڪولنگ جي قدمن س??ن شاگردن جي لاءِ 0 ڪلاڪ جي نشريات جاري رهندي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اي تعليم پورٽل جي ترويج جي لاءِ آگاهي مهم ۾ ”فيس بڪ“ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري و??ارت سان حصيداري ڪري رهيو آهي. ان مهم جو مقصد عوام کي ”اي تعليم پورٽل“ ۽ ان تي موجود تعليمي مواد کان آگاهه ڪرڻ آهي ته جيئن شاگرد ۽ والدين ان مان هر مممڪن فائدو کڻي سگهن.