اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر ون ??نڊ?? احساس جي جوڙجڪ لاءِ هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن جو مقصد ون ونڊ معلومات ۽ خدمتن جي ڪيترن پروگرامن تائين رسائي لاءِ نقطه نظر پيش ڪرڻ هو، اجلاس ۾ بي آءِ ايس پي، پاڪستان بيت المال، پاڪستان پاورٽي ايليويشن فنڊز، ٽرسٽ فار والنٽري آرگنائيزيشن، ايڇ اي سي سميت غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري ڊويزن جي سمورن عملدرآمدي ادارن جي رهنمائن شرڪت ڪئي. ان ??وق??ي تي پي اي ايس ايس ڊي جو سيڪريٽري ۽ ??يڊ??شنل سيڪريٽري به موجود هئا، ان اجلاس ون ??نڊ?? آپريشن لاءِ ساختي منصوبو جوڙي ڇڏيو، ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته بنيادي ڍانچو فرنٽ اينڊ بيڪ تي مشتمل هوندو، هارڊويئر ۽ نمايان فزيڪل احساس سينٽر، اينڊرائڊ ايپ ۽ ويب انٽرفيس اينڊ جڏهن اوپن اي پي آئيز فن تعمير سان گڏ رهنما پاليسي بيڪ اينڊ تي ڪم ڪندي، هن چيو ته شروعاتي مرحلي ۾ احساس فزيڪل سينٽر ۽ ڊجيٽل انٽرفيس جي پهرئين پروٽوٽائپ تي ڪم شروع ٿيو آهي، ون ??نڊ?? اسٽاپ شاپ جي ذريعي احساس جي 135 پروگرامن ۽ پاليسي قدمن مان هڪ ??ي طور تي ان قدم جو مقصد آگاهي پيدا ڪرڻ، احساس تحت فراهمي کي گڏ ڪرڻ، شفافيت کي يقني بڻائڻ ۽ حڪومت کان شهرين تائين خدمتن جي فراهمي کي بهتر ب??ائڻ آهي.