اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز پوري قوم کي عيدالاضحيٰ جي موقعي تي مبارڪباد پيش ڪندي اپيل ڪئي آهي ته عيدالاضحيٰ دوران ڪورونا وائرس جي عدم ڦهلاءُ جي ايس او پيز تي عملدرآمد يقيني بڻائي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز چيو ته عيد جون ڀرپور خوشيون ملهايو پر ??دارا پنهنجي ۽ ٻين جي ڀلائي خاطر حفاظتي تدبيرن (ايس او پيز) تي عمل ڪرڻ هرگز نه وساريو.