اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فر??وس عاشق اعواڻ چيو آهي ته يرغمالي مارچ جا اڳواڻ بستر تي آرام ڪري رهيا ??هن ۽ سياست جي ور چاڙهڻ جي لاءِ آندل ويچارا ڪارڪن کليل آسمان هيٺ سخت سرديءَ ۾ سڙي رهيا ??هن، مولانا فضل الرحما?? جو پهرين ڏينهن کان ئي ڪو جمهوري ۽ آئيني مطالبو نه هو جنهن کي حڪومت سنجيد?? انداز ۾ بحث هيٺ آڻي ان تي واضح حڪمت عملي طئي ڪري، مولانا فضل الرحمان سان حڪومتي ڳالهين واري ٽيم جيترا ڀيرا ملي آهي ان ۾ هر ڀيري نئين ڳالهه ڪئي وئي. صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فر??وس عاشق اعواڻ چيو ته پاڪ رت سان ڪشمير جو جيڪو داستان لکيو ويو انهي کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ اسان سڀ هتي گڏ ٿيا ??هيون.