ڪوئيٽا – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف برسات ۽ ٻوڏ متاثري?? کي 24 ڪلاڪن جي اندر معاوضو ادا ??رڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وفاق ۽ بلوچستان جي حڪومت قومي جذبي سان متاثرين جي بحالي ۽ آبادڪاري جي لاءِ پرعزم آهي، جيستائين آخري گهر آباد نه ٿو ٿئي سک سان نه ويهنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافي?? سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته غيرمعمولي برساتن سبب وسيع پئماني تي نقصان ٿيو آهي، قيمتي جانين جي نقصا?? سان گڏوگڏ انفراسٽرڪچر کي به نقصان پهتو آه??، انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ اين ايڇ اي جون ڪوششو?? ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي سميت ٻيا ادارا ۽ وفاقي حڪومت گڏجي قدم کڻي رهيا آهن، وفاق ۽ بلوچستان حڪومت قومي جذبي سان بحالي ۽ آبادڪاري جي لاءِ پرعزم آهن. وزيراعظم اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي ته 24 ڪلاڪن جي اندر فوت ٿيندڙن جي پونئير?? کي مالي مدد فراهم ڪئي وڃ??، انهن جي خاندانن جي بحالي اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آه??، امداد متاثرين جي گهرن تائين پهچائي وڃي، پي ڊي ايم اي ۽ اين ڊي ايم اي کي ان ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي، زخمي?? کي به فوري طور تي مالي مدد فراهم ڪئي وڃي. شهباز شريف چيو ته جن متاثرين جي گهر مڪمل يا جزوي طور تي تباهه ٿيا آهن، انهن جو معاوضو وڌائي 5 لک رپيا ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جيستائين آخري متاثر گهر آباد نه ٿو ٿئي سک سان نه ويهنداسين. هن چيو ته سرنديءَ وارن ماڻه?? کي اڳتي اچڻ گهرجي. هن چيو ته ان حوالي سان 3 تاريخ تي اسلام آباد ۾ اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ سمورن معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويندو.