اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته اسا?? جي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مش??ن سان ڪاغذ جو بيلٽ پيپر به موجود آهي ۽ ان جو نظام فلپائ?? جي چونڊن ۾ استعمال ٿيندڙ اليڪٽرانڪ مش??ن کان وڌيڪ بهتر آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته فلپائن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مش???? جي چونڊن ۾ استعمال جي تاريخ بابت انگ اکر انتهائي اهم آهن، هن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مش???? جي استعمال سان ووٽر?? جي اعتماد ۾ اضافو، اليڪش?? پٽيشنز، قتل ۽ تشدد ۾ نمايان گهٽتائي واقع ٿي. انگن اکرن موجب فلپائن ۾ 2007ع جي چونڊن ۾ روايتي ڪاغذ جي ذريعي ووٽنگ جي نظام سان 6 هفتن کانپوءِ چونڊ?? جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو، جڏهن ته 2010ع ۽ 2019ع ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مش???? جي استعمال جي ذريعي ووٽنگ ختم ٿيڻ جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ نتيجن جو اعلان ڪيو ويو. فلپائن ۾ 2007ع ۾ 35 سيڪڙو ماڻهو ان تي اعتماد ڪندا هئا جڏهن ته 2010ع ۽ 2019ع ۾ اعتماد جي اها سطح 75 سيڪڙو ۽ 89 سيڪڙو تائين پهچي وئي. 2007ع جي چونڊن کانپوءِ چونڊن کي چئلينج ڪرڻ جي لاءِ هڪ هزار پٽيشنز داخل ڪيون ويون جڏهن ته 2010ع ۾ 49 ۽ 2019ع جي چونڊن ۾ 11 پٽيشنز داخل ڪيون ويون. صدر چيو ته پاڪستان ۾ به اهڙي تبديلي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿيندي. اسان وٽ ووٽنگ مش??ن سان گڏ ڪاغذ جو بيلٽ پيپر به موجود آهي ۽ اسان جو نظام ان سان به وڌيڪ بهتر آهي.