اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته پاڪس??ان جو قيام جمهوري ۽ آئيني جدوجهد ذريعي ممڪن ٿيو، اڄ به حقيقي تبديلي ۽ پاڪس??ان کي خوشحال بڻائڻ جي منزل پارلياماني ۽ جمهوري طرز سياست سان ئي ممڪن آهي، قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن ۽ علامه اقبال جي ف??ر جي ابتڙ تبديلي جي ڪا به ڪوشش فڪري انتشار کانسواءِ ڪجهه نه آهي. جشن آزادي جي موقعي تي ريڊيو پاڪس??ان جي مجله آهنگ جي آزادي نمبر جي اشاعت تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪس??ان جو قيام جمهوري ۽ آئيني جدوجهد ذريعي ممڪن ٿيو، پاڪس??ان جي باني قائداعظم محمد علي جن??ح ننڍي کنڊ جي مسلمانن ج?? حقن ج?? تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هڪ سياسي، جمهوري ۽ قانوني رستو اختيار ڪيو ۽ هڪ جدا ملڪ جي خواب کي شرمنده تعبير ڪرڻ جي جدوجهد ڪئي جتي رهندڙ سمورا شهري بنا تعصب پاڪستاني رياست جا برابر شهري هجن، جنهن ۾ رنگ، نسل ۽ عقيدي جي بنياد تي ڪو فرق نه هجي.