اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته وڏين صنعتن جي فعال ٿيڻ سان هنرمند افرادي قوت جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وز??راعظم عمران خان سان عقيل ڪريم ڍيڍي ملاقات ڪئي ۽ ملڪ جي مجموعي اقتصادي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي وا??و صلاحڪار شوڪت فياض ترين پڻ ان موقعي تي موجود هو. وز??راعظم عمران خان چيو ته اسان ملڪ ۾ معاشي استحڪام تي خاص ڌيان ڏنو آهي، ڪوويڊ 19 جي باوجود حڪومت وچولي کان ڊگهي مدي وا??ن اقتصادي سڌارن طرف ڪاميابي سان گامزن آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ اسان جي اقتصادي صورتحال مستحڪم ٿي آهي. وز??راعظم لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ سيڪٽر جي ترقي جي اهميت تي ز??ر ڏيندي چيو ته ان سان هنرمند افرادي قوت جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. عقيل ڪريم ڍيڍي ملڪ ۾ معاشي بحالي جي لاءِ حڪومتي قدمن کي ساراهيو. هن چيو ته انهن قدمن سان ملڪ جي اقتصادي ۽ صنعتي ترقي تي ڏورس مثبت اثر پوندا.