تهران – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير م??دوم شاهه محمود قريشي وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي تهران پهچي ويو. امام خميني عالمي هواءِ اڏي تي پاڪستان ۾ ايران جي سفير م??مد علي حسيني، ايرا?? ۾ ??قرر پاڪستان جي سفير رحيم حيات قريشي ۽ پرڏيهي وزارت جي سينئر آفيسرن پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير م??دوم شاهه محمود قريشي پنهنجي ايران جي دوري دوران ايراني هم م??صب ڊاڪٽر حسين امير عبداللهيان سميت ايراني قيادت سان ملاقات ڪندو. انهن ملاقات?? ۾ ??طرفي لاڳاپ?? ۽ ??لائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. پرڏيهي وزير 27 آڪٽوبر 2021ع تي تهرا?? ۾ ??نعقد افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ??ي وزارتي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي علائقائي صورتحال جي حوالي سان پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. پرڏيهي وزير ايران جي دوري دوران ميڊيا نمائندن سان به ڳالهه ٻولهه ڪندو ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو.