اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته تيل جي قي??تن ۾ اضافي کي بنياد بڻائي ائين پروپئگنڊه ٿي رهي آهي جيئن اسان دنيا کان ڪنهن جدا سياري تي آهيون، جيڪڏهن دنيا ۾ تيل، گئس جون قي??تون مٿي وينديون ته پاڪستان ۾ قي??تون مٿي وينديون. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سڄو ملڪ سبسڊي تي نه ٿو هلي س??هي?? اڄ قي??تون مٿي آهن سڀاڻي گهٽ ٿي وينديون ته هتي به گهٽ ٿي وينديون. هن چيو ته هڪ قوم وانگر مشڪلاتن کي منهن ڏينداسين. وفاقي وزير چيو ته معاشي مشڪلاتون عارضي آهن، انڊسٽري، زراعت ۽ تعميرات جا شعبا تاريخي منافعو ڪمائي رهيا آهن. هن چيو ته پگهاردار طبقي جون مشڪلاتون آهن، پرائيويٽ سيڪٽر ??نهنجي ورڪرز جي پگهارن ۾ اضافو ڪري، آمدني ۽ روزگار ۾ اضافو مهانگائي جو ٽوڙ آهي.