اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سان ملاقات لاءِ غير ملڪي صحافين جي ??اگها رستي پاڪستان اچڻ تي پابندي جو ڀارتي فيصلو انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي، عالمي صحافين کي پاڪستان اچڻ کان روڪي دنيا جي ”سڀ کان وڏي جمهوريت“ ج?? نام نهاد دعويٰ هڪ دفعو ٻيهر بي نقاب ٿي ويو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پرڏيهي ميڊيا جي ??مائندن کي پاڪستان اچڻ کان روڪي مودي حڪومت پنهنجي انهن دعوائن جي ??في ڪئي آهي جيڪي ان جي ??رڏيهي وزير تازو ئي اعتدال پسندي، ڳالهه ٻولهه ۽ عالمي قانونن جو درس جي طور تي دنيا جي س??مهون ڪيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نئين دهلي ۾ رهندڙ نيويارڪ ٽائمز، رائٽرز ۽ دي اڪنامسٽ جي ??مائندن کي پاڪستان اچڻ کان روڪڻ ڀارت جي ان خوف ۾ مبتلا هجڻ جو واضح ثبوت آهي ته هو سچائي کي منهن نٿو ڏئي سگهي، هن چيو ته ميڊيا جي ??يشيوراڻي معاملن ۾ رڪاوٽ وجهڻ ۽ آزاداڻي رپورٽنگ جي ??ڃيل عالمي حق کان روڪڻ 5 آگسٽ 2019ع جي ??سطائي، هڪطرفي ۽ غير قانوني قدمن جي انتهاپسنداڻي ذهنيت جو تسلسل آهي جنهن جي ذريعي عالمي س??ح تي تسليم ٿيل تڪرار ۽ ??ڏي?? قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن موجب غير قانوني طور تي ڀارت جي ڏاڍ هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جو بنيادي حق عوامي راءِ دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان کان اڳ پنهنجي ??ڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته انهن پرڏيهي صحافين کي 5 آگسٽ تي آزاد ڪشمير جي اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻي هئي، اسان چاهيون ٿا ته ڀارت سمورن خودمختيار صحافين کي والاريل ڪشمير ۾ وڃڻ ۽ حقيقي رپورٽ ڪرڻ جي ا??از?? ڏي.