اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? چيو آهي ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو معاشي طور تي ڪمزور طبقي کي غ??بت مان ڪڍڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، حڪومت جي اولين ترجيح هيٺين طبقي جي مالي مدد سان گڏوگڏ انهن کي روزگار ۾ پاڻڀرو بڻائڻ آهي، هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪامياب پاڪستان پروگرام جي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، خاص مددگار وقار مسعود، عثمان ڊار، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، حبيب بئنڪ جي چيئرمين سلطان علي الانا، پنجاب بئنڪ جي صدر ظفر مسعود، سميت لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ لاڳاپيل ڌرين شرڪت ڪئ??. اجلاس کي ڪامياب جوان پروگرام تحت ڪامياب ڪاروبار، ??امياب آبادگار، ??امياب هنرمند پروگرام، گهٽ لاڳت واري رهائشي اسڪيمن ۽ ڪامياب پاڪستان هائوسنگ لاءِ هول سيل ليڊنگ کي هڪ پروگرام ڪامياب پاڪستان پروگرام ۾ شامل ڪرڻ تي بريفنگ ڏني وئي.