اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پا??ستان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۽ ٻين عالمي فورمن تي فلسطين مسئلي ۽ اسرائيلي ظلمن کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو آهي، فلسطين جي مسئلي جي پائيدار ۽ مستقل حل تائين وچ اوڀر ۾ ام?? قائم نه ٿو ٿي سگهي، انساني جانين جي تحفظ ۽ مسئلي جي حل لاءِ عالمي ضمير کي جاڳائڻ ۽ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، جنرل اسيمبلي جو صدر 27 مئي تي پا??ستان جو د??رو ڪندو، انساني همدردي جي بنياد تي فلسطيني ڀائرن جي لاءِ امداد موڪلينداسين، پا??ستان افغانستان ۾ ام?? قائم ڪرڻ جي لاءِ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، افغانستان ۾ ام??، ترقي ۽ خوشحالي جا خواهشمند آهيون، وزيراعظم عمران خان جي هوندي ڪو آمريڪي اڏو پا??ستان جي سرزمين تي نه ٺهندو، اسان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ڊرون حمل?? برداشت نه ڪيا ويندا، اڄ پا??ستان محفوظ هٿن ۾ آهي. سينيٽ ۾ فلسطين جي صورتحال تي پاليسي بيان ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي هنگامي ??جل??س ۾ پا??ستان جي نمائندگي ڪندي هن ملڪ جو موقف پيس ڪيو ۽ اسان هڪ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪئي.