اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان چيني هم منصب لي ڪي چيانگ سان ف??ن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 70 هين سالگرهه، ٻه طرفي لاڳاپن ۽ ڪورونا ويڪسين جي فراهمي ۾ تعا??ن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيني هم منصب ۽ قيادت کي مريخ تي چيني خلائي جهاز جي ڪامياب لينڊنگ تي مبارڪباد پيش ڪئي ??نه?? سان چين جي وڌندڙ ٽيڪينڪي صلاحيت کي اجاگر ڪيو، وزيراعظم عمرا?? خان زور ڏيندي چيو ته گذريل سالن د??ران گڏيل ۽ اڻٿڪ ڪوششن سان پاڪستان ۽ چين پنهنجي لاڳاپن کي سدابهار وڌندڙ حصيداري ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو فلينگ شپ منصوبو آهي ۽ ان سان معاشي سرگرمين کي تيز ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا ويا آهن ۽ ان سان ٻه طرفا ۽ علائقائي واپار ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. هن چيو ته سال 2021ع هڪ خاص موقعو آهي، ڇاڪاڻ جو اهو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 17 هين سالگرهه جو سال آهي، ??نه?? کي ٻئي ڌريون ڀرپور انداز ۾ ملهائينديون، وزيراعظم ان موقعي تي چيني وزيراعظم کي مبارڪباد پيش ڪئي، وزيراعظم عمرا?? خان ڪوووڊ 19 مان سرخرو ٿيڻ ۾ پاڪ چين تعا??ن تي روشني وجهندي ڪورونا ويڪسين جي فراهمي ۾ چين جي پاڪستان کي جاري مدد تي دل جي گهراين سان واکاڻ ڪئي.