اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فاران السعود چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو سعودي عرب جو دورو گڏيل ل??ڳا??ن جي تاريخ ۾ انتهائي اهميت رکي ٿو، وزيراعظم جو هي دورو شاندار آهي ۽ ان ۾ ڪيترائي معاملا طئي ٿيا. پاڪستان ٽيليويزن کي وڊيو لنڪ ذريعي پنهنجي انٽرويو ۾ هن چيو ته وزيراعظم جي دو??ي دوران ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار ۾ وسيع سهولتن تي ٻڌل اقتصادي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته سعودي عرب ۾ 20 لک کان وڌيڪ پاڪستاني رهن ٿا، جيڪي قومي ترقي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته دو??ي دوران ٻنهي ملڪن مسلمان امت ??ان ل??ڳا??يل ۽ گڏيل معاملن تي تعاون وڌائڻ ۽ گڏج?? ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.