اسلام آباد ?? 16 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بلاول ڀٽو پنهنجي نالائقي ۽ نااهلي جو ملبو ٻين تي نه وجهي، توهان ايترا اڻڄاڻ آهيو جو خبر ئي نه آهي ته توهان جي پنهنجي صوبي ۾ 2 هزار 25 مل??ن ڪيوبڪ فٽ گئس پيدا ٿئي ٿي، ان ۾ 1784 مل??ن ڪيوبڪ فٽ سنڌ استعمال ڪري ٿي جڏهن ته 200 مل??ن ڪيوبڪ فٽ پاور ۽ فرٽيلائيزر پلانٽس کي ڏني وڃي ٿي، رڳو 110 مل??ن ڪيوبڪ فٽ سنڌ کان ٻاهر وڃي ٿي. اطلاعات واري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز بلاول ڀٽو جي پريس ڪانفرنس تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته غريبن ۽ مزدورن جي حقن جو راڳ آلاپيند??ن پينشنرز کي نه بخشيو. توهان جي وڏي و??ير جي ماتحت ناڻي کاتي ۾ سوا 2 ارب جو فراڊ پينشنرز فنڊ ?? سامهون آيو. جعلي پينشنرز ۽ جعلي اڪائونٽ ٺاهيا ويا.