اسلام آباد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت قيمتن ۾ گهٽتائيءَ لاءِ هر ممڪن ق??م کڻندي، وزيراعظم اقتصادي بهتريءَ لاءِ قدم نه کڻي ها ته سڄو ملڪ ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي وڃي ها، ??اض??ءَ جا معاهدا قوم ڀوڳي رهي آهي پر اسان چئلينجن جو مقابلو ڪنداسين، جن کي نيب ??ان ڇوٽڪارو نه ملي سگهيو انهن ٻيو رستو اختيار ڪيو، حڪومت معاشي بهتريءَ لاءِ مشڪل فيصلا ڪيا آهن بهتري ۾ وقت لڳندو. وفاقي وزير مخدوم سيد فخر امام، حماد اظهر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته قيمتن ۾ استحڪام آڻڻ حڪومت جو فرض آهي. وزيراعظم عمران خان جي حڪومت پنهنجي فرضن کان غافل نه آهي. هڪ طبقو ڊيمانڊ ۽ سپلاءِ ۾ فرق جو ناجائز فائدو کڻي رهيو آهي.