اسلام آباد – 21 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا مني لانڊرنگ ۽ ٽيرر فنانسنگ جي روڪٿام جي لاءِ اينٽي مني لانڊرنگ ترميمي بل، دهشتگردي جي خاتمي ايڪٽ 1997ع ۾ تجويز ڪيل ترميمن، ضابطه فوجداري قانونن ۾ ترميمن، سنگل ٽريزري بئنڪ اڪائونٽ جي قاعدن ۾ تبديلي ۽ نيشنل هيلٿ ايمرجنسي ريسپانڊ ايڪٽ جي منظوري ڏني ??هي?? نيشنل هيلٿ ايمرجنسي ريسپانڊ ايڪٽ جو مقصد ڪنهن به قدرتي آفت جي صورت ۾ وفاق ۽ صوبن ۾ هم آهنگي قائم ڪرڻ ??هي?? وفاقي ڪابينا پي ٽي وي لائيسنس فيس 35 رپين مان وڌائي 100 رپيا ڪرڻ جي تجويز تي فيصلو ??يندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪري ڇڏيو، وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب پهريون ڀيرو خاص معاونين پڻ پنهنجا اثاثا ظاهر ڪري ڇڏيا آهن، وزيراعظم واضح هدايت ڪئي ته ڪڻڪ ۽ اٽي جي دستيابي ۽ فراهمي ۾ ڪا رڪاوٽ نه هجڻ گهرجي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا ٽي وي لائيسنس فيس 35 رپين مان وڌائي 100 رپيا ڪرڻ جي تجويز تي غور ڪيو، پ?? ٽي وي جي نئين سر تنظيم سازي جي منظوري ٿي چڪي آهي ۽ پي ٽي وي معاملن کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ لائيسنس فيس وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي هئي، مختلف راءِ سامهون اچڻ تي پي ٽي وي لائيسنس فيس وڌائڻ جو معاملو ??يندڙ هفتي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته پي ٽي وي جي شاندار تاريخ ??هي?? اهڙي طرح جا ادارا عظمت جو نشان هئا پر پيپلزپارتي ۽ مسلم ليگ (ن) رياستي ادارن ۾ بدانتظامي ۽ ميرٽ جي ابتڙ ڀرتين سان ادارن کي زمين بوس ڪري ڇڏيو آهي جنهن اداري کي ڏسو ان ۾ اهو ئي حال ??هي?? موجوده حڪومت پي ٽي وي، اسٽيل ملز سميت سمورن ادارن کي ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهارڻ چاهي ٿي، ڇو ته اهي ادارا رياست جي نمائندگي ڪن ٿا.