اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پريس آف??سرن کي سڄي دنيا ۾ ملڪ جو ??ال?? روشن ڪرڻ لاءِ سچي دل ۽ عزم سان پنهنجون ذميداريون سرانجام ڏيڻيون پونديون، نوان چونڊيل آف??سر عالمي سطح تي پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪن جيڪو ملڪي ترقي لاءِ مددگار ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻاهرين ملڪ نون مقرر ٿيندڙ پريس اتاشين کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي آف??س جي ترجمان عائشه فاروقي به ان موقعي تي موجود هئي. اطلاعات واري وزير چيو ته حڪومتي قدمن ۽ ملڪي تشخص کي سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ ۾ اطلاعات واري وزارت جو اهم ڪردار آهي، اهو ڪردار حاضر دور جي چئلينجز کي نظر ۾ رکندي ۽ جديد ??يڊ??ا جي رجحانن کي اختيار ڪندي ادا ڪرڻو پوندو.