اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فرا?? چيو آهي ته اڄوڪي ڏينهن 28 مئي تي پاڪستان ايٽمي قوت بڻيو، يوم تڪبير ان وچن کي ورجائڻ جو ڏينهن آهي ته عزم ۽ همت سان اسان جنهن منزل کي حاصل ڪرڻ چاهيون اها حاصل ڪري سگهون ٿا، اسان جي امن جي خواهش کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، حڪومت بهترين حڪمت عملي سان ڪوويڊ 19 کي منظم انداز ۾ ڪنٽرول ڪيو آهي، اسان جو رخ درست آهي، ماڪڙ کي به ڪنٽرول ڪنداسين جنهن جي لاءِ قومي سيل قائم ڪري رهيا آهيون، آفريقا کان ماڪڙ جي وڌيڪ کيپ جي خدشي کي نظر ۾ رکندي سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، وقت ثابت ڪيو ته لاڪ ڊائ??ن جي پاليسي ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ ان لاءِ وڌيڪ لاڪ ڊائ??ن جو في الحال ڪو به امڪان نه آ??ي، جيڪي ماڻهو ڪورونا ۽ ماڪڙ تي سياست ڪري رهيا آهن انهن جو مقصد پ??هن??ي بدعنواني کي لڪائڻ آهي، ايندڙ 8 کان 10 ڏينهن ۾ کنڊ رپورٽ جي عملي صورت سامهون اچي ويندي جيتري به مافياز آهي انهن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وزير سينيٽر شبلي فرا?? چيو آهي ته 2013ع ۾ جڏهن پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت آئي ته ان جي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار، جيڪو اڄ ڪل ٻاهرين ملڪ فرار آهي، پهرين ئي ڏينهن آءِ پي پيز جا 486 ارب روپيا جاري ڪري ڇڏيا، پي ايم ايل اين ڪو به ڪم ڪنهن مف??د کانسواءِ ناهي ڪيو، شاهد خاقان عباسي به پ??هن??ي وفاداري خوب نڀائي ۽ ملڪ ۽ عوام جو ڪو به خيال نه ڪيو.