اسلام آباد – 17 ڊس??بر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هٿرادو ذهانت، بلاڪ چين، روبوٽڪس ۽ انٽرنيٽ آف ٿنگز (آءِ او ٽيز) جي اهمي?? کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ايندڙ ڏهاڪو ا??فا??ميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجيز جي انقلاب جي ڏهاڪو هوندو، ان لاءِ پاڪستان کي ضروري عنصر گهربل هوندا، ان حوالي سان ملڪ جي صنعتي شعبن کي وقت سر تياري ڪرڻ گهرجي. هو ايوان صدر ۾ ايمرجنگ ٽيڪنالاجيز جي باري ۾ ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ ا??فا??ميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن وارو وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ۽ سڄي ملڪ مان آءِ ٽي ماهرن شرڪت ڪئي.