جده – 26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته او آءِ سي گولڊن جوبلي تقريبن ۾ پاڪستان جي نمائندگي منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر يوسف العثيمين لاءِ ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان جي خصوصي پيغام سان دلي مبارڪباد ۽ ني?? تمنائن جو اظهار ڪريان ٿي، اسلامي سربراه?? ملڪن جو اهو فورم مسلمان امت ج?? رشتي کي مضبوط بڻائڻ ۽ جوڙڻ جو سڀ کان وڏو پليٽ فارم آهي.