راولپنڊي – 26 – آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي بلوچستان جي ??ختلف علائقن ۾ آپريشنز دوران 21 دهشتگردن کي ماريو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 14 جوان شهيد ٿيا. آءِ ايس پي آر موجب 25 ۽ 26 آگسٽ 2024ع جي ??چ واري رات دهشتگردن بلوچستان ۾ ڪيتريون ڪڌيون ڪارروايون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. دشمن عنصرن جي ??دايت تي ڪئي ويندڙ ا??هن بزدلاڻي دهشتگردي جي ڪاررواين جو مقصد بلوچستان جي ??رامن ماحول ۽ ترقي کي نقصان پهچائڻ هو، جن ۾ خاص طور تي موسيٰ خيل، قلات ۽ لسٻيلا ۾ معصوم شهرين کي نشانو بڻايو ويو. انهن واقعن جي ??تيجي ۾ ڪيترائي معصوم شهري شهيد ٿيا. موسيٰ خيل ۾ دهشتگردن راڙاشم جي عام علائقي ۾ هڪ بس کي روڪيو ۽ بيگناهه شهرين کي نشانو بڻايو جيڪي بلوچستان م پنهنجي روزي ڪمائڻ جي ??اءِ ڪم ڪري رهيا هئا. سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن فوري طور تي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جي ??اپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو ۽ جوابي ڪارروائي دوران 21 دهشتگردن کي ماريو جنهن سان مقامي آبادي جي تحفظ ۽ سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو ويو. جڏهن ته انهن ڪاررواين دوران 14 بهادر جوان جن ۾ 10 سيڪيورٽي فورسز جا جوان ۽ 4 قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار شامل هئا، بهادري سان وڙهندي شهيد ٿيا. علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته انهن ڪڌي ۽ بزدلاڻي ڪاررواين جي ??نصوباسازن، ڏوهارين، سهولتڪارن ۽ معاونين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو جيڪي معصوم شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ق??م سان گڏجي بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جي ??اءِ ??رع??م آهن. اسان جي بهادر جو??نن جون اهي قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.