اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان موسمياتي تبديلي ۽ قدرتي آفتن سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ صلاحيت وڌائڻ لاءِ انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي جي مسلسل حمايت جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي (آءِ آر سي) جي صدر ۽ سي اي او ڊيوڊ ملي ??ينڊ سان ڳالهائ??ند?? ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. پاڪستان سان آءِ آر سي جي قابل قدر ۽ پراڻي حصيداري کي ساراه??ند?? وزيراعظم گذريل سال تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران آءِ آر سي جي وقت سر مدد کي ساراهيو. هن صدر آءِ آر سي کي ٻ??ڏ کان متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ صلاحيت کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۾ آءِ آر سي جي مسلسل حمايت جو منتظر آهي. هن ٻ??ڏ کان متاثر علائقن ۾ تباهه ٿيل اسڪولن ۽ اسپتالن جي نئين سر تعمير ۽ مرمت جي لاءِ آءِ آر سي جي اڻٿڪ مدد جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. ڊيوڊ ملي ??ي??ڊ گذريل سال جي تباهي آنيندڙ ٻوڏ جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ وقت سر قدم کڻڻ تي پاڪستان حڪومت جي عزم ۽ لڳن کي ساراهيو. هن آفتن ۽ موسمياتي تبديلي ??ي انتظام ۾ پاڪستان سان تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي آءِ آر سي جي خواهش جو پڻ ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق، وزيراعظم جا خاص معاونين ڊاڪٽر جهانزيب خان، سيد طارق فاطمي، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ۽ لاڳاپيل وزارتن جا اعليٰ عملدار موجود هئا.