اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قوم اڄ پاڪستان جي بانين کي انهن جي سياسي دانشمندي ۽ جدا ملڪ جي لاءِ اڻٿڪ جدوجهد ڪرڻ جي عز?? تي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هي ڏينهن ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ته ڀلي جيترا به چئلينجز هجن، انسان?? ارادو ناممڪن کي حاصل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن چيو ته زندهه قومون پنهنجي ڪارڪردگي جي آئيڊيل سان ڀيٽ ڪري پاڻ کي آزمائين ٿيون، اهو انه?? جو خود شناسي ۽ احتساب جو طريقو آهي. وزيراعظم چيو ته مش??لاتن کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي تصور تي منهنجو پڪو يقين آهي، اچو اڄ 23 مارچ تي اسان قوم جي خدمت جو جذبو پيدا ڪريون.