اسلام آباد – 07– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جسٽس اطهر من الله جي ف??صل?? کا??پوءِ چار ججز جو ف??صل?? مڪمل ٿي چڪو آهي، پارليامينٽ ۽ 12 سياسي پارٽيون جيڪو چئي رهيون هيون اهو ف??صل?? ان جي توثيق آهي، سياسي پارٽيون اليڪشن کا?? ڀڄنديون ناهن پر اليڪشن جا اهي فيصلا جيڪي پنهنجي سياسي حڪمت عملي کي تقويت ڏيڻ جي لاءِ مڙهيا وڃن اهي ناقابل قبول هوندا آهن، پٽيشن رد ٿيڻ جي باوجود سياسي پارٽين مطالبو ڪيو ته فل ڪورٽ ٺاهي ف??صل?? ورتو وڃي ته جيئن پاڪستان جي عوام جو عدالتن تي اعتماد بحال ٿي سگهي. هو پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهي هئي. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته گذريل ٻن، ٽن مهينن کا?? ملڪ جي اندر جيڪو سياسي عدم استحڪام ۽ جيڪا عدالتي ڪارروائي ملڪ جي سياست تي اثرانداز ٿي رهي آهي ان تي هڪ وڏو ف??صل?? آيو آهي، جسٽس اطهر من الله جي ف??صل?? جي ان لاءِ به اهميت آهي ته چار ججز جن پنجاب، خيبرپختونخواهه جي اليڪشن پٽيشن کي رد ڪيو هو اهو ف??صل?? مڪمل ٿي وڃي ٿو، اڄ جي ف??صل?? ۾ نه رڳو عدالتي ڪارروائي تي سواليه نشان آهي پر واضح طور تي چيو آهي نه بئنچ کا?? جدا ٿيا نه ئي معذرت ڪئي هئي ۽ هو پنهنجي ساٿي چار ججز جي ف??صل?? تي متفق آهي. هن چيو ته ناقابل ٻڌڻي ۽ رد ٿيل پٽيشن تي چيف جسٽس ٽي رڪني بئنچ ٺاهي، جڏهن پٽيشن ئي نه آ??ي ته ٻڌڻي ڪنهن شيءَ جي ٿي آهي ۽ ف??صل?? ڪهڙي شيءَ جو آيو آهي. هن چيو ته پٽيشن رد ٿيڻ جي باوجود هن ملڪ کي ٺاهيندڙ سياسي پارٽين مطالبو ڪيو ته فل ڪورٽ ٺاهي ف??صل?? ورتو وڃي ته جيئن پاڪستان جي عوام جو عدالتن تي اعتماد بحال ٿي سگهي، آئيني سوالن تي فل ڪورٽ لازمي هئي. هن چيو ته سياسي پارٽيون اليڪشن کا?? ڀڄنديون ناهن پر اليڪشن جا اهي فيصلا جيڪي پنهنجي سياسي حڪمت عملي کي تقويت ڏيڻ جي لاءِ مڙهيا وڃن اهي ناقابل قبول هوندا آهن، هي اليڪشن جو معاملو ناهي رهيو. جسٽس اطهر من الله چيو ته اُها عدالتي ڪارروائي جيڪا ڪنهن سياسي حڪمت عملي کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ استعمال ٿئي ان جي اجازت نه آ??ي. هن چيو ته ان معاملي جا ٻه رخ آهن، هڪ سياسي رخ آهي ۽ ٻيو عدالتي رخ آهي جڏهن عدالتي ڪارروائي تڪراري ٿي وڃي، اڪثريتي ججز جي بئنچ نه مڃي، سپريم ڪورٽ جي اندر ورڇ هجي اهو عوام ڪيئن مڃي؟ هن چيو ته ملڪ جي عدالتي تاريخ، آئيني تاريخ ۾ ڪڏهن اهڙو ف??صل?? ناهي ٿيو ته هڪ پٽيشن خارج ٿئي ۽ ان کي سپريم ڪورٽ جي اڪثريت خارج ڪري ڇڏي ته ان تي ٽي بئنچ ٺاهيا ويا هجن. هن چيو ته هڪ تاثر آهي ته هر ان ڪيس ۾ جنهن جو ف??صل?? پي ٽي آءِ جي حق ۾ اچڻو آهي ته هڪ مخصوص جج کي بئنچ ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو. وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ان آئيني بحران جي شروعات ئي پاڻمرادو نوٽيس کا?? ٿي آهي، جيڪڏهن ڪنهن ف??صل?? تي سپريم ڪورٽ جي اڪٿريت ورهايل هجي، هڪ لاڏلي، فارن ايجنٽ، آئين ٽوڙيندڙ جي سهولتڪاري هجي اهو ڪنهن صورت ۾ قابل قبول نه آ??ي. هن چيو ته اهو ڪم ڪٿان شروع ٿيو، عمران خان حڪومت جي خلاف بي اعتمادي ڪامياب ٿي وڃي، اسپيڪر ڊپٽي اسپيڪر جي ذريعي غيرآئيني ڪم ڪرائڻ، صدر کا?? اسيمبلي تحليل ڪرائي وئي هجي، استعيفيٰ ڏنا ويا ۽ پوءِ واپسي جي لاءِ عدالت کا?? ريليف، آئين جي آرٽيڪل 63 اي کي ٻيهر لکڻ، حمزه شهب??ز ۽ بزدار ڪيس ۾ جدا فيصلا، سائفر جنهن تي سڄو تماشو ڪيو ويو اهو محسن نقوي تي اچي رڪجي ويو، سي سي پي او لاهور ڪيس ۾ 90 ڏينهن اندر اليڪشن جو پاڻمرادو نوٽيس مان نڪرڻ، اهو سڀ قوم جي آڏو آهي. هن چيو ته جنهن کي پي ٽي آءِ ناڻي واري وزارت جي ڪرسيءَ تان ڪن پڪڙي لاهي ڇڏيو ان کا?? عدالت ۾ گهرائي معيشت جو پڇيو وڃي ٿو، ڇا اليڪشن رڳو پي ٽي آءِ کي وڙهڻي هئي ۽ ڇو 12 سياسي پارٽين کي نه ٻڌو ويو. هن چيو ته اليڪشن ڪڏهن ڪرائڻي آهي ان جو ف??صل?? اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻو آهي، عمران خان کي اهو ف??صل?? ناهي ڪرڻو. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اختيارن جو ناجائز استعمال، آئين جي مرضي موجب تشريح، رد ٿيل پٽيشن تي ٽي رڪني بئنچ ٺاهي ڏنل ف??صل?? ڪنهن صورت ۾ قبول نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته ملڪ ۾ اليڪشن آئيني طريقي سان ٿيڻ گهرجن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جو تفصيلي اجلاس ٿيو جيڪو چار ڪلاڪن تائين جاري رهيو، ان اجلاس ۾ دهشتگردي جي لهر جو به جائزو ورتو ويو، دهشتگردي 2018ع ۾ ختم ٿي وئي هئي، قومي ايڪشن پلان نواز شريف ڏنو، 2018ع کا??پوءِ اها ئي دهشتگردي عمران خان جي ڪري واپس آئي، دهشتگردن کي دعوتناما موڪلي عمران خان آباد ڪرايو. هن چيو ته جيڪي قربانيون اسان جي هٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ عوام ڏنيون هيون، ان جي لاءِ تمام وڏيون قربانيون ڏنيون. هن چيو ته گهرو وزير امن امان بابت اجلاس کي بريفنگ ڏني، اجلاس ۾ ف??صل?? ٿيو ته قومي ايڪشن پلان تي ٺوس عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته تڪراري ف??صل?? جي واپسي جي ڳالهه ٿي رهي آهي، ان تي ڪيئن توهين عدالت ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته چار ججز جي ف??صل?? کا??پوءِ واضح ٿي ويو آهي ته ڪا پٽيشن ئي نه آ??ي، ان تي چيف جسٽس پاڻ پنهنجي سربراهي ۾ بئنچ ٺاهي ف??صل?? ڪري ڇڏيو.